ڄام سيف الله ڌاريجو:

ڄام سيف الله ڌاريجو: پ پ پ اڳواڻ ڄام سيف الله ولد ڄام عبدالستار ڌاريجو، 7 جون 1962ع تي عادلپور، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. ڪيليفورنيا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي اٿائين. سندس سياسي وابستگي شروع کان پيپلز پارٽيءَ سان رهي آهي. پهرين چونڊ 1988ع ۾ وڙهيو، ۽ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. 1990ع کان 1993ع تائين قومي اسيبمليءَ جو ميمبر رهيو. ان کانپوءِ 1997ع وارين چونڊن ۾ ڪامياب ٿي ايم. پي. اي ٿيو، 2002ع کان 2007ع تائين به پ پ جي ٽڪيٽ تان چونڊجي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. 2008ع وارين چونڊن ۾ پي. ايس- 3، سکر- 3 (پنو عاقل تڪ) تان اليڪشن کٽڻ بعد صوبائي وزير مقرر ٿيو. ڪجهه عرصو روينيو وزير بڻيو ۽ هن وقت آبپاشي کاتي جو صوبائي وزير آهي. سندس ڀاءُ ڄام اڪرام ڌاريجو پڻ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.06.21  عيسوي

پ پ پ اڳواڻ ڄام سيف الله ولد ڄام عبدالستار ڌاريجو، 7 جون 1962ع تي عادلپور، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. ڪيليفورنيا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي اٿائين. سندس سياسي وابستگي شروع کان پيپلز پارٽيءَ سان رهي آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الهبچايو لاسي
دلير رند سخي
جارج-6
حبيب ابراهيم رحمت الله
شعيب ڪڇي شيخ
حنيف صديقي
ايڇ ايم خواجه
اڪبر حيدر سومرو
شاهنواز ٻرڙو ڊاڪٽر
ميرابوالقاسم سلطان ٺٽوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون